رنوير جو فلم “پدماوتي” ۾ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان اهم انڪشاف

ممبئي (شوبز نيوز) باليوڊ جي  اداڪار رنوير سنگھ  جو چوڻ آهي  ته فلم پدماوتي کي سائن ڪرڻ جي لاءِ هن گھڻو وقت ورتو، ڇو ته علاوءَ الدين خلجي جو منفي ڪردار ادا ڪرڻ ان لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو، بينڊ باجا بارات، ۽ را م ليلا جھڙي سپر هٽ فلم جي ڪري باليوڊ ۾ خاص سڃاڻ ٺاهيندڙ اداڪار رنوير سنگھه هر ڀيري هڪ نئين ڪردار سان مداحن کي حيران ڪندو رهيو آهي جڏهن ته تازو ئي مشهور هدايتڪار  سنجي ليلي  ڀنسالي جي فلم پدماوتي ۾ پهريون ڀيرو منفي ڪردار ۾ هوندو، واضع رهي ته فلم پدماوتي ۾ رنوير سنگھه، شاهد ڪپور ۽ ڊپيڪا پڊڪون مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندا جڏهن ته فلم پهرين ڊسمبر تي  رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *