رنبير ۽ ڪترينا ۾ وڇوٽيون ختم ڪرائڻ بار بي ڊول جي ماءُ ميدان ۾ اچي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي چاڪليٽ هيرو رنبير ڪپور ۽ بال بي ڊول جي نالي سان مشهور اداڪاره ڪترينا ڪيف هڪ ٻئي کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ورتي آهي جنهن کانپوءِ هاڻي بار بي ڊول جي ماءُ سوزين ٻنهي اداڪارائن ۾ غلط فهميون ختم ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچيو ئي آهي رببير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف وچ ۾ عشق جون خبرون ڊگهي عرصي کان هر هڪ جي زبان تي آهن جڏهن ته ٻنهي اداڪارائن جي ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ ٻئي کان ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ جي خبرن جا چرچا آهن جنهن بابت ٻئي اداڪار ڪجهه ٻڌائڻ کان لنوائي رهيا آهن جڏهن ته ٻنهي ۾ اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ ڪترينا ڪيف جي ماءُ ميدان ۾ لٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *