رنبير جي ڀيٽ ۾ رنوير سان منهنجو تعلق ڪجهه مختلف آهي: دپيڪا پدوڪون

ممبئي: بالي ووڊ اڪارا دپيڪا پدوڪون چيو آهي ته فلمن ۾ رنبير ڪپور ۽ رنوير سنگه ٻنهي سان سندس جوڙي پسند ڪئي ويندي آهي پر رنبير جي ڀيٽ ۾ رنوير سان سندس تعلق ڪجهه مختلف آهي. ممبئي ۾ پنهنجي ايندڙ فلم باجي رائو مستاني جو پوسٽر جاري ڪرڻ واري تقريب دوران ڳالهائيندي دپيڪا پدوڪون چيو ته حقيقت ۾ سندس ڪنهن به اداڪار سان جوڙي جي نوعيت جو اندازو فلم ۾ موجود ڪردارن تي ڀاڙي ٿو، جيڪڏهن مان رنبير سان يي جواني هي ديواني ۽ تماشا ۾ ڪم ڪيو آهي ته انهن ۾ اسان ٻنهي جو تعلق مختلف نظر اچي ٿو، اهڙي ريت رام ليلا ۽ باجي رائو مستاني ۾ رنوير سان سندس تعلق مختلف نوعيت جو نظر اچي ٿو، سندس چوڻ هو ته کيس رنوير ۽ رنبير ٻنهي سان ڪم ڪرڻ ۾ ڪا پريشاني ناهي ٿيندي پر جيڪڏهن جوڙِي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته رنوير سان سندس تعلق مختلف نوعيت جو نظر ايندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *