رمضان شگر ملز ڪيس ۾ رمانڊ جي درخواست رد، عمران خان جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي آهي: حمزا شهباز

لاهور (اين اين آءِ) لاهور (اين اين آءِ) لاهور جي احتساب عدالت رمضان شوگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي ريمانڊ ۾ واڌ جي اپيل رد ڪندي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، جج نعيم ارشد ملڪ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ شهباز شريف پيش ٿيو، جڏهن ته جسماني ريمانڊ ۾ واڌ لاءِ ليگي اسيمبلي ميمبر حمزه شهباز کي پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر کان جج پڇاڻو ڪيو ته توهان کي وڌيڪ جسماني ريمانڊ ڇو گهرجي، نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته رمضان شوگر ملز ڪيس ۾ ٻين ملازمن کي گهرايو پر ملازم پيش نه ٿيا، حمزه شهباز جاچ ۾ تعاون نه ڪيو، نيب وڪيل جي دليلن تي حمزه شهباز جي وڪيل چيو ته نيب جسماني ريمانڊ جي جيڪا درخواست گذريل ٻڌڻي تي ڏني هئي اڄ به اها ئي درخواست آهي، هن چيو ته جنهن ايم پي اي نالو ندي ٺاهڻ جي درخواست ڏني اهو ڪڏهن حمزه شهباز سان مليو ئي ناهي، جاويد اقبال رمضان شوگر ملز جو ملازم آهي اهو نيب سان تعاون ڪري رهيو آهي، نيب وٽ پيش ٿيو آهي، هن چيو ته رمضان شوگر ملز جو ريفرسن داخل ٿي چڪو آهي، جسماني ريمانڊ جي ڪهڙي ضرورت آهي، ان دوران شهباز شريف چيو ته سندس چيلهه جو مسئلو آهي، جيڪڏهن عدالت جي اجازت هجي ته هو ويهي رهي، جج کيس ويهڻ جي اجازت ڏني، شهباز شريف چيو ته مان عدالت ۾ پاڻ ڪجهه حقيقتون ٻڌائڻ چاهيان ٿو، منهنجي اها ڊيوٽي آهي ته مان توهان جي اڳيان پيش ٿيا، ڳالهه سچي ڪندس، نيب ڪوڙو ڪيس ڪيو آهي، مان گناهگار ماڻهو آهيان پر پبلڪ سروس ۾ ڏينهن رات ڪم ڪيو آهي، هن چيو ته خدا شاهد آهي ته نيب ڪوڙا ڪيس ڪري مون کي زليل ڪري رهيو آهي، عدالت محفوظ فيصلو ٻڌائيندي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي اپيل رد ڪندي حمزه شهباز کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ 20 جولاءِ تي حمزه شهباز کي ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.  پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري هڪ ڊرامو آهي، سڀ ان تي کلي رهيا آهن، ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي آهي، حڪومت کي سياسي انتقام کان مٿانهون ٿي سامهون اچڻ گهرجي، عمران خان پنهنجو خير گهري ۽ حڪومت اهڙو ٻچ نه ڇٽي جو سڀاڻي لڻي به نه سگهي، لاهور جي احتساب عدالت ۾ حاضري جي موقعي تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته قوم ڄاڻي ٿي ته راڻا ثناءُ الله تي ڪهڙو ڪيس ڪيو ويو، هن چيو ته 72 سالن کانپوءِ به مينهن جي چوري ۽ منشيات جي ڪيسن جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي، راڻا ثناءُ الله جي خلاف ڪجهه نه مليو ته منشيات جو ڪيس وجهي ڇڏيو، منشيات جي الزام کانپوءِ ڪا ڪثر نه رهجي وئي آهي، هن چيو ته هي حاضرين جو سيزن آهي، حاضريون مذاق بڻيل آهن، قوم ڏسي رهي آهي، اپوزيشن عوام سان گڏ آهي پر حڪومت عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي حالت رحم جوڳي آهي، هو ساڙ ۾ ورتل آهي، هي ڏکيا ڏينهن به گذري ويندا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *