رضا باقرملڪن کي قرض جي غلام ۾ رکڻ جو ماهر آهي: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي ترجمان چيو آهي ته عمران خان توهان ڊاڪٽر رضا باقر کي اسٽيٽ بينڪ جو گورنر ڪري ويهاريو آهي جيڪو 2000 کان آءِ ايم ايف جو ملازم آهي، ڊاڪٽر رضا باقر ملڪن کي قرض جي غلامي ۾ رکڻ جي مهارت رکي ٿو، پاڪستان جي سڀ کان اعليٰ ڳالهيون ڪندڙن کي برطرف ڪري آءِ ايم ايف جي ملازمن کي پاڪستان جي خزاني جي چاٻي ڏني وئي آهي، نواز شريف ملڪ کي سي پيڪ ڏنو ۽ عمران خان ملڪ کي آءِ ايم ايف ۾ گروي رکيو، آچر تي مريم اورنگزيب اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي مقرري تي رد عمل ڏيندي چيو ته عمران خان توهان پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي آفيس کولي ڇڏي آهي، هن چيو ته وزيراعظم نااهل، ناڻي وزير آءِ ايم ايف جو، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر آءِ ايم ايف جو، عوام کي دلاسا ۽ مخالفن کي چور چور ڌاڙيل ڌاڙيل سڏيو وڃي ٿو، هن چيو ته عمران رضا باقر جي مقرري ان ڳالهه جي تصديق آهي ته ملڪ ۾ آءِ ايم ايف جي قرض سڌارن ۽ ري اسٽرچرنگ جو نظام آندو پيو وڃي، هن چيو ته آءِ ايم ايف جو ملازم مقرر ٿيڻ سان اسٽيٽ بينڪ تي آءِ ايم ايف جو قبضو ٿي ويو آهي، هن چيو ته عمران خان ملڪ کي نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان جا ارادا ڏسي هاڻ قوم کي پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت لاءِ ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته عمران خان جي نالائق حڪومت لاءِ سولائي ٿي وئي آهي، هاڻ سڀ ڪجهه آءِ ايم ايف پاڻ ڪندو، هن چيو ته عمران خان صاحب توهان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت نه آهي، توهان پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي آفيس کولي ڇڏي آهي، هن چيو ته نواز شريف کي هٽائڻ جي اصل راند سمجهه ۾ اچي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *