ردالفساد تحت ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪوئيٽا گيريزن جو دورو ڪيو، آرمي چيف کي سڪيورتي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي/a آرمي چيف چيو ته ردالفساد تحت ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي، بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، آرمي چيف چيو ته بلوچستان تي منهنجو وڏو فوڪس آهي، دهشتگرد خوف جو شڪار ٿي قانون لاڳو ڪدنڙ ادارن تي حملو ڪري رهيا آهن، ٻين صوبن وانگر بلوچستان جي به خوشحالي اهم مقصد آهي، هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ فرقيواراڻن حملن ۾ گهٽتائي آئي آهي، آرمي چيف چيو ته فرارين جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۾ اضافو قانون لاڳو ڪدنڙ ادارن جي ڪوششن جو نتيجو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪوئيٽا ۾ دهشتگرد واقعن ۾ گهٽتائي تي سڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، سدرن ڪمانڊ آرمي چيف کي سڪيورٽي تي مڪمل بريفنگ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *