رحمان ملڪ ڏکڻ پنجاب ۾ آپريشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ ڏکڻ پنجاب ۾ آپريشن ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب ۾ دهشتگردن کي منظم طريقي سان مدد ملي رهي آهي جنهن ڪري فوري طور آپريشن شروع ڪيو وڃي… ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر آڏو سينيٽ جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيوته افغانسان کي عالمي سياست جي هٿن ۾ کيڏڻ بجاءِ پاڪستان حڪومت سان ٽيبل تي ويهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ رحمان ملڪ چيو ته ايڪشن پلان کي اڃان ڏيڍ مهينو گذريو آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مائينڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغان حڪومت جو رويو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اڃان مڪمل سهڪاري ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پشاور سانحي جي معصوم ٻارن جا قاتل ملا فضل الله ۽ فقير محمد افغانستان ۾ ويهي ٻارن کي قتل ڪرڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن، آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاران انهن خلاف ڪارروائي لاءِ افعان حڪومت تي دباءُ وجهڻ وقتائتو آهي ۽ اڃان به دٻاءُ وڌائڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ رحمان ملڪ چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو گڏ هلڻ ضروري آهي جن کي هڪ ٻي جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي، 40- 60 سيڪڙو واري فارمولي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ ترت مثبت نتيجا سامهون ايندا……

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *