رحمان ملڪ پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس تي مناظري جو اعلان

لاڙڪاڻو (بيورو) اڳوڻي گهرو معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر رحمان ملڪ شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس تي مناظري جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٽي وي چينلن تي پيپلز پارٽي جا مخالف محترمه جي ڪيس بابت ويهي ڳالهيون ڪندا آهن پر اڄ تائين ڪنهن به انهن مان نه ته درج ٿيل ايف آءِ آر جي ڪاپي ڏٺي آهي ۽ نه ئي چالان. چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيون ٿا ته شهيد محترمه جي قتل جي ڪيس جي شنوائي روزاني جي بنيادن تي ڪري ته جيئن قاتلن کي سزا ملي سگهي. اهڙو اظهار هن لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ فريد آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ 16 مان 5 ڏوهارين کي ماريو ويو جڏهن ته گرفتار جوابدارن خلاف اڃا تائين ڪيس التوا جو شڪار آهي. هن چيو ته 7 سالن دوران 8 جج تبديل ٿي چڪا آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي جي دوري حڪومت جي پڄاڻي ۽ سيڪيورٽي واپس وٺڻ بعد 3 اپريل 2013ع تي چيف پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي چوڌري ذوالفقار کي قتل ڪيو ويو ۽ اڃا تائين ان ڪيس ۾ ڪوبه چيف پراسيڪيوٽر مقرر ناهي ٿي سگهيو. جڏهن ته 5 گواهن کي مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن جنهن ڪري هو گهٻرايل آهن. رحمان ملڪ چيو ته فوجي عدالتن جي معاملي تي تحفظات ان لاءِ آهن ته ماضيءَ ۾ ان مان مارشل لا سامهون آئي هئي جنهن تي ٻين پارٽين کي به اعتراض آهن. انهن خدشن کي دور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ جي ڀلائي لاءِ ٺهندڙ قانون ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿي سگهي. دهشتگردي خلاف پ پ پ جي دور حڪومت ۾ سخت ترين قانون ٺاهڻ پئي چاهيا پر اپوزيشن ڪڏهن به ساٿ نه ڏنو اڄ اسان اپوزيشن ۾ هوندي دهشتگردي خلاف ٺهندڙ قانونن جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *