رحمان ملڪ جي چوڌري شجاعت سان ملاقات ، موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ق) چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته لنڊن پلان جو ڪوئي وجود نه آهي طاهرالقادري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو اسان جي مشاورت سان ڪيو خميس تي چوڌري شجاعت حسين اسلام آباد ۾ رحمان ملڪ سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ تحريڪ انصاف جي ڌرڻي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته سياسي جرڳو اڄ يا سڀاڻي تحريڪ انصاف جي قيادت سان ملاقات ڪندو سياسي جرڳو عمران خان کي ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندو هن چيو ته حڪومت عوامي تحريڪ ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي آزاد ڪري رحمان ملڪ ڀارتي فوج پاران مسلسل سرحدي خلاف ورزي تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو هن چيو ته موجوده سياسي حالتون مڊٽرم چونڊن ڏانهن وڌي رهيون آهن جڏهن ته ان حوالي سان پيپلزپارٽي اڳ به واضح ڪري چڪي آهي ته حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *