رحمان ملڪ جو آمريڪين کي ويزا جاري ڪرڻ بابت بيان غلط ۽ ڪوڙو آهي: گهرو وزارت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪين کي ويزا جاري ڪرڻ واري معاملي ۾ ڪا به نرمي ناهي ڪئي وئي ان حوالي سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان ملڪ جو بيان سراسر غلط ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. اڳوڻي گهرو وزير رحمان ڪجهه ڏينهن پهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته حڪومت طرفان اسان تي ته تنقيد ڪئي ٿي وڃي پر آمريڪين کي ويزا ڏيڻ جو سلسلو ته هاڻ به جاري آهي، هڪ پاسي اتحادي سپورٽ فنڊ ورتو پيو وڃي ۽ جيسيتائين آمريڪا مان امداد ملندي آمريڪين کي ويزا به ملندي رهندي. گهرو وزارت طرفان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر رحمان ملڪ جي ويزا جاري ڪرڻ بابت بيان جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اڳوڻي گهرو وزير جو بيان معصوم، غلط ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي. گهرو وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ويزا جاري ڪرڻ جو اتحادي سپورٽ فنڊ سان ڪو به تعلق ناهي جڏهن ته رحمان ملڪ کي اها به خبر ناهي ته ڪوليشڻ سپورٽ فنڊ بند ٿي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *