رجني ڪانت جي فلم ”2.0“ هڪ ڀيرو ٻيهر دير جو شڪار

 

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رجني ڪانت جي نئين فلم ”2.0“ هڪ ڀيرو ٻيهر دير جو شڪار ٿي وئي آهي، اميد ڪئي پئي وڃي ته فلم ڏياري يا ڀارتي آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي رليز ڪئي ويندي.ڀارتي ميڊيا موجب رجني ڪانت جي فلم ”2.0“ 24 اپريل تي نمائش لاءِ پيش ڪرڻي هئي جيڪا دير جو شڪار ٿي وئي آهي. ميڪرز اڃا فلم جي ريليز جي تاريخ جو ڪو قطعي فيصلو ناهي ڪيو ۽ اهي ڄاڻايل ٻن تاريخن تي غور ڪري رهيا آهن.فلم ۾ رجني ڪانت، اڪشي ڪمار ۽ ايمي جيڪسن اداڪاري ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *