رتي ديري ۾ ايڇ آءِ وي جي مريضن جو انگ 812 ٿي ويو، اسڪريننگ جو سلسلو جاري رکڻ جو فيصلو

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) رتي ديري ۾ ايڇ آءِ وي جي مريضن جو تعداد 812 تائين پهچي ويو، مرض جو شڪار 52 سيڪڙو مريض مرد 48 ڏهائي هڪ سيڪڙو عورتون آهن، جڏهن ته اسڪريننگ جو سلسلو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  رتي ديري ۾ ايڇ آءِ وي سبب متاثر ماڻهن جي تعداد ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي ويو آهي. ڊي جي هيلٿ سروسز رپورٽ سنڌ جي صحت کاتي حوالي ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب 44 ڏينهن ۾ 28308 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي. رتي ديري ۾ 44 ڏينهن دوران 812 ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي. ٻن ڏينهن دوران نون ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي چڪي آهي. ايڇ آءِ وي جو شڪار گهڻي قدر مريضن جي عمر هڪ کان پنج سال آهي. هڪ سال جي عمر جي 63 ٻارڙن، ٻن کان پنج سال جي عمر جي 458 ٻارڙن ۽ ٻن کان پنج سال جي عمر جي 458 ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *