رتيديري ۾ ايڇ آءِ وي وائرس اسڪريننگ لاءِ ڪئمپ قائم، وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر، انگ 126 ٿي ويو

رتوديرو (م.ڊ) تعلقي اسپتال رتيديري ۾ ڊي ايڇ او لاڙڪاڻي پاران ايڇ آءِ وي وائرس اسڪريننگ لاءِ قائم ڪيل ڪئمپ ۾ وڌيڪ 3 ڪيس ظاهر ٿي ويا، جکرا پاڙي رتوديرو جو ٻن ورهين جو غلام حسين پٽ معشوق ڀٽو ۽ نادر شاهه پاڙي جي هڪ ئي گهر جا ٻه ٻار ٽن ورهين جو رسول بخش ۽ 17 مهينن جو علي وارث پُٽ گلشن شامل آھن، ٽوٽل مريضن جو تعداد 126 ٿي ويو، اسڪريننگ ڪئمپ تي عورتن، ٻارن توڙي مردن جون ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *