رتوديرو ايڊستان بڻجي ويو، هزارين ماڻهو موذي مرض ۾ مبتلا، وڌيڪ 13 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق، انگ 826 ٿي ويو

رتوديرو(رپورٽر) رتوديرو تعلقو ايڊزستان بڻجي ويو، هزارين ماڻهون موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا، وڌيڪ 13 ماڻهن ۾ ايڇ آء وي ايڊز هئڻ جي تصديق ٿي، ايڇ آء وي متاثرن جو انگ 826 ٿي ويو، رپورٽ موجب ايڊز وبائي صورت اختيار ڪري ورتي رتوديرو تعلقو ايڊزستان بڻجي ويو هزارين ماڻهون خطرناڪ وائرس ۾ مبتلا علائقي ۾ خوف حراس پکڙيل، تعلقه اسپتال ۾ هڪ مهينو 22 ڏينهن به سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام ۽ پي پي ايڇ آء جي نگراني ۾ بلڊ اسڪريننگ ڪئمپ جاري رهي جتي 155 ماڻهن جي رت جي چڪاس ڪئي وئي، جن ۾ 13ماڻهن جون رپورٽس پازيٽو آيون، جڏهن ته ٽوٽل متاثرن جو انگ 826 ٿي ويو، ايڊز سينٽر لاڙڪاڻو انتظاميه جي پت وائکي متاثرن کي ايڇ آء وي ايڊز جون دوائون ڏيڻ بجاء پرائيويٽ اسٽورن جو پئسن عيوض بخار دست ۽ الرجي جون سيرپ لکي ڏئي موٽائن ٿا، ايڇ آء وي ايڊز جي ٻن متاثر ٻارن جي والد عبدالغفار بلوچ صحافين اڳيان داهيندي چيو ته منهنجي ٻن ٻارن اويس علي ۽ ماجده کي ايڇ آء وي ايڊز ظاهر ٿي مونکي ٻارن جي علاج ڪرائڻ لاء لاڙڪاڻي موڪليو ويو هڪ هفتو روز مسلسل لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو پر اتي وڌيڪ ٽيسٽ ۽ ايڪسرا نه ٿي رهيا هئا، هفتي بعد وڌيڪ ٽيسٽ ۽ ايڪسرا ٿيا بدقسمتي سان اتي به رپورٽس پازيٽو آيون، پر ظلم ڏسو اسان کي علاج نٿو ڏنو وڃي، 15 ڏينهن اڳ ايڊز سينٽر انتظاميه پرائيوٽ اسٽور تان هڪ وٽامن سيرپ ۽ ٻيو زينٽل سيرپ لکي ڏئي چيو ته فلحال اسان وٽ دوائون نه آھن عيد کان پوء موٽي اچو جڏهن هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر سينٽر تي علاج لاء وياسين ته ايڇ آء وي ايڊز جون دوائون نه ڏنيون ويون، جڏهن ته منهنجي ٻارن کي ايڇ آء وي وائرس آھي ان جون دوائون ڏيڻ بجاء پرائيويٽ اسٽور جو دوائون سيٽرازين، سيپٽران، ميٽرانڊازول سيرپ لکي ڏئي چيو ته گهر وڃو، انتظاميه آڏو رڙيون ڪيان ته مونکي سرڪاري دوائون ڏنيون وڃن پر نه مليون، منهنجي سامهون انتظاميه کي پارٽي جي مقامي اڳواڻن سان فون تي ڳالهرائيندڙن کي انتظاميه ايڇ آء وي سرڪاري دوائن جي ڪورس ڏئي رهيا هئا، پر اسان غريب مسڪينن وٽ ڪا شفارس نه هئڻ ڪري کالي موٽايو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته مان حڪومت سنڌ، صحت کاتو ۽ ايڊز ڪنٽرول ٽيم جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿو ڪيان ته منهنجي ٻچڙن کي ايڇ آء ايڊز جو ڪورس ڏئي انهن جي حياتي بچايو وڃي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *