”را“ جي زبان ڳالهائيندڙ قوم جو ليڊر نٿو ٿي سگھي: رانا ثناءُ الله

لاهور (اين اين آءِ) پنجاب جي قانون واري وزير رانا ثناءُالله خان چيو ته عمران خان جي پرڏيهي رانديگرن جي حوالي سان بيان جي سخت مذمت ڪندي بيان واپس وٺڻ ۽ قوم کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هن جيڪا زبان استعمال ڪئي اها پاڪستان جي دشمنن جي زبان آهي عمران خان پنهنجي بيان سان ظاهر ٿي ويو آهي عمران خان ثابت ڪري ڇڏيو ته هو ملڪ ۽ قوم جو ليڊر نٿو ٿي سگهي. جهاد ۽ افغانستان جي نالي تي ڊالرن جي برسات ڪٿان ٿي هئي ۽ ڊالرن کي حلوو سمجهي ڪير کائيندو رهيو آصف زرداري جي تجويز مطابق فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون ته مقصد ختم ٿي ويندو پنجاب اسيمبلي جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا ثناءُالله چيو ته عمران خان جو پنهنجي ڳالهائڻ تي ڪنٽرول نه آهي پرڏيهي مهمانن جي لاءِ جيڪا زبان استعمال ڪئي ويئي اها توهين جهڙي آهي هن چيو ته عمران خان هميشه پنهنجي مخالفن جي خلاف به گهٽيا زبان استعمال ڪندو آهي. هن چيو ته سراج الحق پنهنجي ڳالهائڻ ۾ سٺي زبان استعمال ڪري ۽ سراج الحق هڪ طرف اتحادي ۽ ٻئي طرف مخالف آهي هن چيو ته آصف زرداري جي تجويز مطابق فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون ته مقصد ختم ٿي ويندو (ن) ليگ فوجي عدالتن تي ٽن سالن جي واڌ چاهي پئي پر سمورين پارٽين جو اتفاق ٻن سالن تائين ٿيو آهي قوم چاهي ٿي ته فوجي عدالتن جا مقصد پورا ٿيڻ گهرجن فوجي عدالتن جي فيصلن ٻن ٻن سال اپيلن ۾ رهڻ آهي ته پوءِ ڪوبه فائدو نه آهي هن ڊفينس جي ڌماڪي واري حوالي اسن چيو ته ان جي نوعيت م فرانزڪ ليبارٽري جي جاچ آئي آهي ته اهو واقعو گئس ڌماڪو هو ۽ گئس سان ڌماڪو ڪيئن ٿيو ان جي جاچ ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *