راڻيپور لڳ ڪوچ ڪلٽي، 5 مسافر فوت، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 زخمي

راڻيپور: (م.ڊ) راڻيپور ويجهو قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 مسافر فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، رپورٽ موجب راڻيپور ويجهو گڏيجي وٽ قومي شاهراهه تي پشاور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 مسافر فوت ٿي ويا جڏهن ته 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا.اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين توڙي زخمين کي کڻائي راڻيپور ۽ گمبٽ جي اسپتال پهچايو، ان ڏس ۾ حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته فوتين مان چئن ڄڻن جي سڃاڻپ ماهنور، نورجهان، افشان زال ياسر شاهه ۽ ٽن ورهين جي ٻارڙي الهيار طور ٿي آهي جڏهن ته هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.حادثي سبب فوت ٿيلن جو تعلق پشاور سان آهي، جڏهن ته زخمين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن، جن مان ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *