راڻا ثناءُ جي منشيات حرام ۽ وزير اعظم جي حلال، مرڻ مهانگو، جيئڻ مهانگو ۽ رت سستو آهي، هيءَ ڪهڙي تبديلي آهي؟: بلاول زرداري

چارسده(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته مرڻ مهانگو، جيئڻ مهانگو ۽ رت سستو آهي، هيءَ ڪهڙي تبديلي آهي؟ چارسده ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته مهانگائي جي سونامي عوام کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، ٽيڪسز جي ٻوڏ ۾ عوام کي لوڙهيو ويو آهي، قوم سان ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، هر طبقي جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي، هيءَ ڪهڙي تبديلي آهي؟ هن چيو ته اسان 1973 جي آئين ڏانهن اک به کڻڻ ڏيندي، سليڪٽڊ هي سڀ ڪجهه ختم ڪرڻ چاهي ٿو، صدارتي نظام آڻڻ چاهيون ٿا، ون يونٽ نظام آڻڻ چاهيون ٿا. بلاول الزام هنيو ته سڄي ملڪ ۾ بندوق جي زور تي اسان جي پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪيو ويو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوج جي پولنگ اسٽيشن جي اندر ۽ ٻاهر بيهاريو ويو، مشرف ۽ ضياءَ جي حڪومت ۾ به فوج کي پولنگ اسٽيشن جي اندر نه بيهاريو ويو، عمران نيازي شفاف اليڪشن کان ڊڄندو آهي، اليڪشن ڪميشن جاڳي، توهان ڪيترا اليڪشن عمران خان کي کٽرائيندا؟ هن وڌيڪ چيو ته هي پينشن ۾ واڌ نه ڪري بزرگن جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن، ننڍن واپارين جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن، هي تبديلي هي نئون پاڪستان عوام جي لاءِ عذاب بڻيل آهي، پيپلز پارٽي هميشه غريب ماڻهو جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، جيستائين جمهوري حق محفوظ نه هوندا تيستائين معاشي حق محفوظ نه هوندا. بلاول چيو ته آئين ڏانهن اک به کڻڻ نه ڏينداسين، جمهوري ۽ معاشي حقن جو دفاع ڪنداسين، سڄي ملڪ ۾ اسان جي پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر رکيو ويو، منهنجو تڪ جو فارم 45 اڄ به گم آهي، 2013ع ۽ 2018ع ۾ دهشتگردي عروج تي هئي پوءِ به فوج کي پولنگ اسٽيشن تي نه بيهاريو، هي اسان جا ادارا آهن، انهن کي تڪراري نه بڻايو وڃي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جاڳي، هي اسان وٽ اليڪشن ڪميشن آهي يا سليڪشن ڪميشن؟ سيڪشن 144 تي مخالف ڌر جي نمائندن کي هراسان ڪيو ويندو آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجو آزاد ڪردار ادا ڪري، هي اليڪشن ثابت ڪندي ته اسان وٽ اليڪشن ڪميشن آهي يا سليڪشن ڪميشن آهي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ڪنهن قسم جي آزادي ۽ جمهوريت آهي ته اسان جو ميڊيا سنسر آهي، اڳوڻي صدر جو انٽرويو نه هلي سگهيو، هي ڪهڙي قسم جي آزادي ۽ جمهوريت آهي. هن چيو ته هتي ٻٽو نظام آهي، جهونپڙي حرام بني گالا حلال آهي. بلاول ڀٽو چيو ته انهن جو ٻٽو نظام آهي، جهونپڙي حرام آهي، بني گالا حلال آهي، نواز شريف جي آف شور ڪمپني حرام آهي، ايم ڪيو ايم جي فارن فنڊنگ حرام آهي پر پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ حلال آهي، راڻا ثناءُ الله جي منشيات حرام آهي ۽ وزير اعظم جي منشيات حلال آهي. هن چيو ته ڌانڌلي ورتل حڪومت ڌانڌلي ڪري بجيٽ پاس ڪرايو آهي، قبيلائي علان جي نمائندن کي اجلاس ۾ اچڻ ناهي ڏنو ويو، هي عوام دشمن بجيٽ آهي، عوام دشمن بجيٽ سان رت چوسي رهيا آهن، ڀاڄي مهانگي ڪري ڇڏي، ڊيل مهانگو ڪري ڇڏيو، کنڊ مهانگي ڪري ڇڏي، مهانگائي جي سونامي ۾ عوام کي لوڙهيو ويو آهي، هي عوام کي بيروزگاري جي دلدل ڏانهن ڌِڪي رهيا آهن، حڪومت هر شئي تي ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *