راڻا ثناءُ الله خلاف سياسي انتقامي ڪارروائي جو بيان رد ، ڪٿي به سنسرشپ نٿا لڳائڻ چاهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد/لاهور(ويب ڊيسڪ) مددگار سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته راڻا ثناءُ الله عدالت ۾ بي گناهي ثابت ڪري، اي اين ايف به عدالت ۾ سمورا ثبوت آندا، معاشري ۾ زهر ڦهلائيندڙن جي اصليت سامهون اچڻ گهرجي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته طاقتور کي اختيار آهي ته هو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي، وڏو شخص وڏو ڪم پنهنجي گاڏي ۾ ئي ڪري سگهي ٿو، نشو پهچائيندڙ سهولتڪارن کي به پڪڙڻو آهي، اڌ آبادي منشيات جو شڪار ٿي چڪي آهي، جيڪو ملڪ ۾ جنگ وڙهي ٿو ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته راڻا ثناءُ الله کي جن پڪڙيو انهن ملڪ جي عوام سان وفاداري نڀائي، ماضي ۾ پنجاب کي سياسي مخالفن کي چيڀاٽڻ جو ذريعو بڻايو ويو، ڪنهن کي ناهي خبر ته پابندي مڙهيل تنظيمن سان هن جا ڪيئن لاڳاپا هئا، ڪنهن کي خبر ناهي ته ماڊل ٽائون ڪيس ۾ هن جو ڪردار ڪهڙو هو. سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار چيو ته راڻا ثناءُ الله کي پڪڙيندڙ آفيسر تعريف جي قابل آهن، آفيسرن مافيا سان ٽڪر ورتو آهي انهن سان گڏ رهڻ جي ضرورت آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ايف بي آر کي آزاد ڪيو آهي ته بنا نالي ملڪيتون سامهون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، ايف بي آر زرداري خاندان جي بنا نالي ملڪيت ضبط ڪئي آهي. هن چيو ته ن ليگ جي اڳواڻ چوڌري تنوير جي به 6 هزار ڪينال ايراضي ضبط ڪئي آهي، هر شخص کي ٽيڪس نيٽ جو حصو بڻجڻو پوندو.

فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته  ڪٿي سنسرشپ نٿا لڳائڻ چاهيون، ذميوار ميڊيا چاهيون ٿا. سوشل ميڊيا کي مانيٽر ڪرڻ جو ڪو نظام ناهي. تفصيل موجب سينيٽ جي سينيٽ جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي چيئرمين فيصل جاويد جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي جو معاملو بحث هيٺ آيو. سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته فيڪ نيوز، ڪنهن کي نشانو بڻائڻ يا ٽمپرنگ تي ڳڻتي آهي، ڪٿي سنسرشپ نٿا لڳائڻ چاهيون، ذميوار ميڊيا چاهيون ٿا. خاص مددگار چيو ته اڄوڪي حالتن ۾ پيمرا ۾ به بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، سوشل ميڊيا کي مانيٽر ڪرڻ جو ڪو نظام ناهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي ڪوڙين خبرن تي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو چيو هو. سوشل ميڊيا تي اِن گائيڊڊ ميزائل هلي رهيا هوندا آهن. سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته ڪوڙين خبرن جي ڪري ڪردارڪشي ٿيندي آهي، رڳو پنهنجي نه پر سمورين پارٽين جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. فردوس عاشق اعواڻ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي ٽي وي جي ملازمن جي پينشنز 2016ع کان رڪيل هئي، ملازمن کي ڏيڻ جي لاءِ پگهارون ناهن پينشن ڪٿان ڏيون. پي ٽي وي جي گيٽ تي ملازمن تي احتجاج ڏسي افسوس ٿيندو آهي. هن ٻڌايو ته هڪ سال جي پينشن جاري ڪري اڳتي جي منصوبابندي ڪئي آهي، پينشنرر کي ادائيگين جي لاءِ 70 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي تي مانيٽرنگ پيمرا نه پر آءِ ٽي جو ڪم آهي. سوشل ميڊيا تي ناڪاري خبرون ۽ پروپيگنڊه روڪڻ جا بندوبست ضروري آهن.

ٻئي طرف وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف کي پي اي سي جي سربراهي تي فارغ ڪيو ويو، گلو بٽ جي سرپرستن جي واتان رياستي دهشتگردي جي ڳالهه سنگين مذاق آهي، عوام تي گوليون وسائيندڙ الله جي پڪڙ ۾ اچي رهيا آهن. ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ماڊل ٽائون ۾ هٿين خالي ماڻهن تي گوليون هلايون ويون،  ماڊل ٽائون معصوم شهيدن جي سڏڪن، لڙڪن آسمان کي لوڏي ڇڏيو، عوام تي گوليون وسائيندڙ الله جي پڪڙ ۾ اچي رهيا آهن. هن چيو ته شهباز شريف کي پي اي سي جي سربراهي تان فارغ ڪيو ويو،  نئين پارلياماني ليڊر جي چونڊ ڪئي وئي، اهڙو قدم شهباز شريف جي پارٽي جو سندس دماغي چيمبر تي بي اعتمادي آهي،  سلمان ۽ ناٺي جي واپس اچي جواب ڏيڻ تائين توهان جي چيمبر تي بار رهندو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شهباز صاحب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي تان فراغت ۽ نئين پارلياماني ليڊر جي مقرري توهان جي پارٽي جو توهان جي دماغي چيمبر تي عدم اعتماد آهي، اسان کي اندازو آهي ته جيستائين سلمان شهباز ۽ نياڻو عمران واپس اچي ٽڪي ۽ چمڙي جو جواب نه ٿا ڏين توهان جي چيمبر تي بار رهندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *