راڻا ثناءُ الله تي لاهور هاءِ ڪورٽ اچڻ تي تاحيات پابندي لاڳو، ميمبر شپ به ختم

لاهور (اين اين آءِ) لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي جنرل هائوس اجلاس ۾ قانون جي وزير راڻا ثناءُ الله جي هاءِ ڪورٽ بار جي ميمبرشپ رد ڪري بار ۾ داخلا تي تاحيات پابندي لڳائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، گذريل ڏينهن بار ايسوسئيشن جي جنرل هائوس جو هنگامي مزمتي اجلاس وقتي صدر لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي راشد جاويد لوڌي جي صدارت ۾ ڪياني هائوس ۾ ٿيو، راشد جاويد لوڌي چيو ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم، اهل بيت جي محبت ۽ ختم نبوت تي ايمان کانسواءِ اسان مسلمان سڏرائي نٿا سگهون، راڻا ثناءُ الله جي بيان جي جيتري مزمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، شهيد ڀٽو ڏانهن ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو، سيڪريٽري عامر راڻا ثناءُ الله جو قاديانين کي مسلمان قرار ڏيڻ واري بيان جي مزمت ڪندي چيو ته اسان جو ايمان ان وقت تائين مڪمل نٿو ٿي سگهي جيستائين ختم نبوت تي ايمان نه آندو وڃي، ان جو بيان آئين جي ڀڃڪڙي آهي جنهن تحت قاديانين کي 1974 ۾ آئين تحت غير مسلم قرار ڏنو ويو، 1984 ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي قاديانين کي اسلام جو نالو استعمال نه ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو، مقررين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي حديث جو حوالو ڏيندي چيو ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم چيو هو ته مان آخري نبي آهيان، قرآن پاڪ ۾ به الله جو فرمان آهي ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم توهان مان ڪنهن هڪ مرد جو پيءُ نه آهي پر هو الله جو رسول ۽ خاتمل نبي آهي، هنن چيو ته راڻا ثناءُ الله کي نه ته قانون جي ڄاڻ آهي ۽ نه ئي ڳالهائڻ اچي ٿو، حڪومت يهودي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، اجلاس کانپوءِ وڪيلن پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ جي پي او گيٽ تي ريلي ڪڍي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *