راڌا ڪشن سانحو: سپريم ڪورٽ پوليس جا جاچ ررپورٽ رد ڪري ڇڏي، تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، ڪوٽ راڌا ڪشن سانحي ۾ پوليس جي جاچ رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ٻيهر تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پنجاب پوليس رڳو ڪتن کان ڏوهه قبول ڪرائڻ ۾ مشهور آهي، ڇا گرفتار 90 جوابدارن مان ڪنهن ڏوهه قبول ڪيو آهي؟. جسٽس دوست محمد کوسا ۽ جسٽس عمر عطا بنديال تي ٻڌل سپريم ڪورٽجي 2 رڪني بينچ پنجاب جي شهر ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ عيسائي جوڙي کي جيئرو ساڙڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران پنجاب پوليس واقعي جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن تي سپريم ڪورٽ بي اعتمادي ظاهر ڪئي. جسٽس دوست محمد کوسا ريمارڪس ڏنا ته رڳو ڪاغذي ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪئي ويندي آهي پر ان ۾ ڪا به شيءِ واضح ناهي ڪئي ويندي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ 90 جوابدار گرفتار آهن، ڇا ڪنهن مان ڪنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، مشهور آهي ته پنجاب پوليس رڳو ڪتن کان ڏوهه قبول ڪرائيندي آهي.  جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته پوليس مٿان اربين رپيا خرچ ٿي رهيا آهن پر پوليس کي واقعي جو اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو پر ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي، اهڙي ڪيسن سان عدالتن جي به بدنامي ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *