راولپنڊي ۾ عورت مڙس ۽ ٻن ٻارن کي زهر ڏئي مارڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

ٿرپارڪر (نمائندو) ٿر ۾ ڏُڪاري حالتون شدت اختيار ڪري ويون، خوراڪ جــِي کوٽ سبب اڄ وڌيڪ 4 معصوم ٻار فوت ٿي ويا، جنهن بعد هلندڙ مهيني اندر 27 ٻارن سميت فوتين جو انگ 35 ٿي ويو. ٿرپارڪر ۾ ڏڪار جي صورتحال شدت اختيار ڪري ورتي آهي ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب ڏينهون ڏينهن ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو وڌي رهيو آهي. مٺي جي سول اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻار فوت ٿي ويو جڏهن ته ڇاڇرو جي ٻن خانگي اسپتالن ۾ 3 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويا. فوتين ۾ 13 ڏينهن جي تهمينا ۽ 2 تازه ڄاول ٻار شامل آهن. مٺي جي سول اسپتال ۾ 35 ٻار علاج هيٺ آهن جڏهن سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ٻارڙن جو انگ 60 کان وڌي ويو آهي. هوڏانهن ڏڪار جي هنگامي حالتن دوران علاج جون سهولتون رڳو ڪجهه شهرن جي اسپتالن تائين محدود آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهندڙ 90 سيڪڙو آبادي علاج سميت سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. امدادي ڪڻڪ جي ورڇ پڻ شهرن ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن تائين محدود آهن پر ڏورانهن علائقن تائين امدادي ڪڻڪ جي چوٿين قسط اڃا تائين نه ملي سگهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *