راولپنڊي ۾ شڪريال روڊ تي امام بارگاهه ويجهو ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا ، 7زخمي

راولپنڊي (م.ڊ) اسلام آباد جي شهر راولپنڊي ۾ ڪري روڊ تي امام بارگاهه قصر سڪينا ٻاهران ڌماڪي سان 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخيم ٿيا، زخمين کي گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، صدر ممون حسين ۽ وزيراعظم ڌماڪي جي مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته دهشتگرد پاڪ فوج جو عزم ڪمزور نٿا ڪري سگهن، جوابدار جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ هوندا، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي، اربع جي رات ڪري روڊ تي حملي آورن فائرنگ ۽ دستي بم سان حملو ڪندي امام بارگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته بمبار کي امام بارگاهه ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ته ان پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخيم ٿيا، شهيدن ۾ غلام رسول ۽ عبدالشڪور شامل آهن، اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته امام بارگاهه ۾ فائرنگ جو آواز ٻڌندي نمازين امام بارگاهه جو مين گيٽ بندڪري ڇڏيو جنهن بعد حملي آور دستي بم سان حملو ڪيو ۽ هو پاڻ به ان دستي بم جو نشانو بڻجي ويو ۽ ان جي خودڪش جيڪٽ نه ڦاٽي، جڏهن ته حملي آور بچي نه سگهيو، سيڪيورٽي فورسز بمبار جو لاش تحويل ۾ وٺي جيڪيٽ کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، ذريعن مطابق حملا آور جو لاش سڃاڻپ جوڳو آهي، ذريعن مطابق حملا آور جو ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن کي ڳولڻ لاءِ سرچ آپريشن ڪيو ويو، ڌماڪي وقت مغرب جي نماز ادا ڪئي پئي وئي، مارجي ويل عبدالشڪور نمازي ۽ غلام رسول سيڪيورٽي گارڊ هو. اکين ڏٺل شاهد ٻڌايو ته جيئن بمبار اندار داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان ماڻهن کي مسجد مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو هن ٻڌايو ته حملي وقت مسجد ۾ 35 کان 40 ماڻهو هئا، بمبار جي عمر 20 سال ٿي سگهي ٿي ۽ هي سرائڪي ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف ڌماڪي جي مذمت ڪندي فوتين جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين کي بتهرين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *