راولپنڊي: احتساب عدالت ۾ آصف علي زرداري جي ٻن نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست تي نيب چيئرمين طلب

راولپنڊي (بيورو) راولپنڊي جي احتساب عدالت، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ٻن نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست تي قومي احتساب بيورو جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ڪيس جي اهم شاهد حسن وسيم اختر کي طلب ڪري ورتو آهي. راولپنڊي جي احتساب عدالت جي جج چوڌري بشير آصف علي زرداري جي ڪوٽيڪنا ۽ ايس جي ايس ريفرنس ۾ بريت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف علي زرداري خلاف نيب وٽ ڪو به اصل رڪارڊ موجود ناهي، سندس اصيل فوٽو ڪاپي رڪارڊ تي 11 سال جيل ڪاٽي چڪو آهي. احتساب عدالت جي جج ريمارڪس ڏنا ته رڪارڊ تصديق ٿيل موجود آهي، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جنهن رڪارڊ جي تصديق ڪئي آهي، ان کي عدالت ۾ گهرايو وڃي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته  اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي ريفرنس ۾ نوٽيس جاري ڪيو ويو هو پر اها شهيد ٿي وئي، آصف علي زرداري کي ڪو به نوٽيس ناهي مليو.  احتساب عدالت جي جج ريمارڪس ڏنا ته نيب جو اڳوڻو ڊپٽي چيئرمين حسن وسيم اختر بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد تصديق ڪرڻ چاهي ٿو. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نيب اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين کي ناهي گهرايو، عدالت ڀلي ان کي گهرائي سگهي ٿي. عدالت، قومي احتساب بيورو جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ڪيس جي اهم شاهد حسن وسيم اختر کي طلب ڪندي ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *