راهول ڊريوڊ ۽ مهيلا جئه ورڌني آءِ سي سي جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جا ميمبر مقرر

دبئي(اسپورٽس نيوز) راهول ڊريوڊ ۽ مهيلا جئه ورڌني کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي ڪرڪيٽ ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو جڏهن ته ڪميٽي جي چيئرمين انيل ڪمبلي جي عهدي ۾  ٽن سالن جي واڌ ڪئي وئي. گذريل ڏينهن آءِ سي سي  طرفان جاري ڪيل پريس پڌرائي مطابق ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين راهول ڊريوڊ کي ڪمار سنگا ڪارا جي جاءِ تي موجوده رانديگرن جي نمائندي جي حيثيت سان ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اڳوڻو سري لنڪن ڪپتان ڪمار سنگا ڪارا پنهنجو ٽن سالن جو مدو پورو ڪري چڪو آهي، اهڙي طرح آسٽريليا جي آف اسپنر ٽم مي کي لڪشمن سيوا رام ڪرشن جي جاءِ تي ڪميٽي جو حصو بڻايو ويو آهي. سري لنڪا جو اڳوڻو ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين مهيلا جئه ورڌني ٽن سالن لاءِ اڳوڻن رانديگرن جي نمائندي جي حيثيت سان ڪميٽي ۾ شامل ٿيو آهي.کيس اڳوڻي آسٽريليائي ڪپتان  مارڪ ٽيلر جي جاءِ  تي اها ذميواري سونپي وئي آهي جيڪو پنهنجو ٽن سالن جو مدو پورو ڪري چڪو آهي. ٽي ڀيرا سال جي بهترين امپائر جو ايوارڊ کٽندڙ رچرڊ ڪيٽبلر کي اسٽيو ڊيوس جي جاءِ تي امپائر جي نمائندي جي حيثيت سان ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جي چيئرمين ڀارت جي اڳوڻي مشهور ليگ اسپنر انيل ڪمبلي جي عهدي ۾ ٽن سالن جي واڌ ڪئي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *