راهداري منصوبي ۾ سنڌ کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وزيراعظم نواز شريف کي خط لکي اقتصادي راهداري منصوبي تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، خورشيد شاهه چيو آهي ته راهداري منصوبي مان فقط هڪ صوبي کي فائدو پهچائڻ سان ناڪاري اثر پوندا، منصوبي ۾ سنڌ کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي، سنڌ جا خدشا ختم ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وزيراعظم نواز شريف کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اقتصادي راهداري منصوبو ملڪ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي، راهداري منصوبي ۾ سنڌ کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو آهي، راهداري منصوبي سان سڄي ملڪ کي فائدو پهچايو وڃي. خورشيد شاهه چيو ته هڪ صوبي  کي فائدو پهچائڻ سان ٻين صوبن تي منفي اثر پوندا، جيڪي به شاهراهون ٺاهيون پيون وڃن، ان جو فائدو صرف هڪ صوبي کي ٿي رهيو آهي جنهن سبب پنجاب سان ٻين صوبن جي ناراضگي وڌي رهي آهي.. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ 60 سيڪڙو روينيو ملڪ کي ڏئي ٿو، پر ان باوجود کيس نظر انداز ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس جا ذخيرا موجود آهن.. هن چيو ته حيدر آباد ۽ سکر سيڪشن تي نيشنل هاءِ وي اڳ ئي موجود آهي، پر ان باوجود ان تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو ويو آهي، اولهه وارو روٽ راهداري منصوبي کي ويجهو هئڻ باوجود ترجيح اوڀر واري روٽ کي ڏني پئي وڃي، جيڪو سندن سمجهه کان ٻاهر آهي، سنڌ سميت ٻين صوبن کي به راهدري منصوبي بابت خدشا آهن، جيڪي ختم ڪيا وڃن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *