راهداري منصوبي سميت سمورا ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن: نواز شريف

اسلام آباد/باجوڙ ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف، چيو آهي ته زلزلي متاثرن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي ۽ متاثرن جي بحالي واري ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي برادشت نه ڪبي، تباهه ٿيل گهرن جي ٻيهر اڏاوت لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم نواز شريف زلزلي متاثر علائقي باجوڙ ايجنسي دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ کيس نقصانن توڙي امدادي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. زلزلي متاثرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته زلزلي سبب تباهه ٿيل گهرن جي ٻيهر اڏاوت لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي. نواز شريف چيو ته زلزلي متاثر سڀاڻي کان امدادي چيڪ ڪيش ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته امدادي چيڪ جان جو معاوضو ناهي. ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف زلزلي متاثر علائقي تيمر گره پهتو جتي هن متاثرن ۾ امدادي رقم جا چيڪ ورهايا. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته متاثرن جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، زلزلي سبب ٿيل نقصان کي وساري نه ٿو سگهجي. هن چيو ته متاثرن جي بحالي واري ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي برادشت نه ڪئي ويندي، امدادي رقم جا چيڪ ورهائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. نواز شريف چيو ته هـُو زلزلي متاثرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، ٿڌ وڌڻ کان اڳ متاثرن جا گهر نئين سر تعمير ٿي ويندا. تيمر گره جي دوري دوران خيبر پختون خواهه جو گورنر، وفاقي وزير پرويز رشيد ۽ انجنيئر امير مقام به وزيراعظم سان گڏ هئا. جـِي او سي سوات ميجر جنرل نادر وزيراعظم کي زلزلي جي نقصانن ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مالاڪنڊ ڊويزن ۾ زلزلي سبب 44 هزار گهرن کي نقصان پهتو جڏهن ته 15 هزار گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته زلزلي متاثرن ۾ 20 هزار خيما ۽ 25 هزار ڪمبل ورهيا ويا آهن. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف، اقتصادي راهداري منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين جي سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته چيني شهرين جي سڪيورٽي بابت ڪا به غلفت برداشت نه ڪئي ويندي، راهداري منصوبو خطي جي تبديل بدلائي ڇڏيندو. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اقتصادي راهداري منصوبي بابت جائزي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف هدايت ڪئي ته اقتصادي راهداري منصوبي سميت سمورا ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن. وزيراعظم نوازشريف چيو ته چين پاڪستان جو ويجهو دوست ۽ اهم پارٽنر آهي،  گهرو وزارت ملڪ اندر رهندڙ چيني شهرين ۽ راهداري منصوبي تي ڪم ڪندڙ انجنيئرز جي سڪيورٽي  يقيني بڻائي. وزيراعظم نوازشريف، چيو ته چيني شهرين جي سڪيورٽي ۾ ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي سا نه صرف پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي پر منصوبو خطي جي تقدير بدلائي ڇڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *