راندين ۾ عورتن کي برابري جي بنياد تي موقعا ملڻ گهرجن:ثانيه مرزا

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ قومي ٽيم جي رانديگر شعيب ملڪ جي گهر واري ثانيا مرزا چيو آهي ته راندين ۾ عورتن کي برابري جي بنياد تي موقعا ملڻ گهرجن./ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 15

ڀارتي ٽي وي موجب ثانيا مرزا هڪ پروگرام ۾ڳالهائيندي چيو ته ماضي ۾ عورتن سان کوڙ سارا اڻوڻندڙ ۽ اڻ برابري جا واقعا پيش آيا، جن عورتن جي حوصلن کي ڇيهو رسايو، جڏهن ته اهڙن واقعن سان نئين ٽئلينٽ جو پڻ نقصان ٿيندو آهي. هن چيو ته سدائين ڀارت لاءِ کيڏي آهيان، پٽ جي پيدائش بعد کوڙ سارا مسئلا پيدا ٿيا، جن مان سڀ کان وڏو مسئلو فٽنس جو هو. هن چيو ته ٽينس ڪورٽ ۾ واپسي لاءِ مڪمل تيار ۽ فٽ آهيان، فيملي سدائين سپورٽ ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *