رانا داگو بتي سان رومانس واريون خبرون رد،بس سٺا دوست آهيون: شريا سارن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شريا سارن اداڪار رانا داگو بتي سان رومانس وارين خبرن کي رد ڪيو آهي ته هو ۽ رانا رڳو دوست آهن، هڪ انٽرويو ۾ شريا چيو ته داگوبتي سان سندس عشق وارين خبرن مان هوءَ به مزو وٺي رهي آهي پر انهن ۾ ٽڪي جي به سچائي ناهي، سندس چوڻ هو ته رانا داگو سان سندس ملاقات هڪ دوست جي سالگ ره تقريب ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ سندن دوستي ٿي ۽ ان کانپوءِ ڳالهه اڳتي ناهي وڌي، شريا سارن چيو ته هاڻ به هو ۽ داگو سٺن دوستن جيان آهن. 001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *