راشن ورهائڻ واري تصوير تي تنقيد، حرا ماني ۽ سندس مڙس مخالفن مٿان ڪاوڙجي پيا

لاهور(شوبز نيوز) اداڪار سلمان ماني شيخ لاڪ ڊائون دوران مستحقن ۾ راشن ورهائڻ واريون تصويرون مسلسل شيئر ڪندو رهيو آهي.هن نيڪي واري ڪم ۾ سلمان ماني سان گڏ  سندس گهر واري ۽ اداڪاره حرا ماني به شامل/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

 آهي جڏهن ته ان کان علاوه ٻيون شوبز جون شخصيتون به پنهنجي طور تي مستحقين ۾ راشن ورهائي رهيون آهن ۽ سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان آگاهه به ڪري رهيون آهن.اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه شوبز شخصيتن مداحن جي لاءِ راشن واري مهم جون تصويرون سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ  واري ڪم کي اهم جز قرار ڏنو ۽ ان کي پبلڪ اسسٽنٽ جو نالو ڏنو. ان حوالي سان سلمان ماني مخالفن کي راشن وارين تصويرن سان گڏ جواب ڏيندي لکيو آهي ته جڏهن ڪا مشهور شخصيت فيشن، لائف اسٽائل جي حوالي سان ڪا پوسٽ ڪندو آهي ته اها ٽرينڊ بڻجي ويندي آهي پر  جڏهن ڪو نيڪ نيتي سان بهتري جو ڪم ڪري ته ان کي غلط ۽ سستي شهرت جو ليبل هنيو وڃي ٿو جيڪو  صحيح قدم ناهي. حرا جي مڙس ماني چيو آهي ته اسان انسٽاگرام تي راشن جون تصويرون شيئر ڪيون ته ماڻهو ان تي تنقيد ڪرڻ لڳا. جڏهن ته هي ڪم صرف ان لاءِ آهي ته جيئن ڪوبه ضرورتمند هجي ته اهو رابطو ڪري. هن چيو ته هي تصويرون ان لاءِ به پوسٽ ڪيون ويون ته فنڊ جمع ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. پر افسوس ماڻهن هن ڪم جي تعريف ڪرڻ بجاءِ ان تي آڱر کڻڻ ۽ غلط چوڻ شروع ڪري ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *