راج ڪندرا ڪروڙين رپين جي ملڪيت شلپا شيٽي جي نالي ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس ۽ ڪجهه عرصو اڳ غير اخلاقي فلمون ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل مشهور بزنس مين راج ڪندرا ڪروڙين رپين جي ملڪيت زال جي نالي ڪري ڇڏي.راج ڪندرا کي گذريل سال غير اخلاقي فلمون ٺاهڻ جي الزام هيڍ گرفتار ڪيو ويو هو، ان کان پوءِ راج ڪندرا کي ممبئي جي مقامي عدالت ٻن مهينا جيل ۾ رهڻ کان پوءِ 50 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ کان پوءِ ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو هو.پر هاڻ ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته راج ڪندرا پنهنجي 38 ڪروڙ 50 لک ڀارتي رپين جي ملڪيت کي زال شلپا جي نالي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب شلپا جي نالي تي منتقل ڪيل ملڪيت ۾ پنجن فليٽن تي ٻڌل عمارت جي پهرين منزل ۽ جوهو ۾ موجود بنگلو شامل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *