راجن پور ۽ حافظ آباد ۾ ٽريفڪ حادثا، 10 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، حالت نازڪ

راجن پور / حافظ آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) راجن پور ۽ حافظ آباد جي علائقن ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ 10 ڄڻا فوت 7 ڪيترائي زخمي ٿي پيا زخمين مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي . صدر ممنون حسين، وزيراعظم نواز شريف انساني جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعن مطابق راجن پور جي علائقي روجهان ۾ انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ ۽ ڪراچي ويندڙ ڪوچ ۾ ٽڪر ٿيو جنهن سبب ڇهه مسافر ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، حادثي ۾ 21 ماڻهو زخمي ٿيا. اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون ٿڏي تي پهتيون لاشن ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال روجهان منتقل ڪيو ويو  جتي 9 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هوڏانهن حافظ آباد جي علائقي ڊيرا شاهه جمال ويجهو ٽرڪ ۽ ويگن ۾ تيز رفتاري سبب ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ پنج زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق فوت ٿيندڙن چئن ماڻهن ۾ ٽي کدڙا فقير آهن واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *