راجر فيڊرر مونٽريال ٽينس ٽورنامينٽ جي ٽئين رائونڊ ۾ پهچي ويو

مونٽريال(اسپورٽس نيوز) ڪئنيڊا جي شهر مونٽريال ۾ هلندڙ ٽينس ٽورنامينٽ جي ٻئي مرحلي ۾ ومبلڊن چئمپين راجر فيڊرر ڪئنيڊا جي رانديگر پيٽر ڪوهرا کي شڪست ڏئي اڳئين مرحلي ۾ پهچي ويو آهي. راجر فيڊرر مئچ جو پهريون سيٽ ۲ڏ٦ تان پنهنجي نالي ڪيو ۽ ٻئي سيٽ ۾ به هو پنهنجي مخالف رانديگر خلاف ڇانيل رهيو. پيٽر ڪوهرا کي ٻئي سيٽ ۾ ۱ڏ٦ تان ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، شاندار فتح بعد راجر فيڊرر ٽئين مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *