راجا ظفر الحق سينيٽ ۾ قائد ايوان مقرر، وزير اعظم منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف راجا ظفر الحق کي سينيٽ ۾ قائد ايوان مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم ميان رضا رباني کي بنا مقابلي سينيٽ جو چيئرمين چونڊجڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ن ليگ جمهوريت ۽ ڳالهين تي يقين رکي ٿي، رضا رباني جي بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ سان جمهوريت مضبوط ٿيندي. وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزيراعظم نواز شريف حڪومت ۽ اپوزيشن پاران نامزد ڪيل رضا رباني کي بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته رضا رباني جي بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ سٺو عمل آهي، ان سان جمهوريت مضبوط ٿيندي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ ن ڳالهين ۽ مفاهمت تي يقين رکي ٿي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف راجا ظفر الحق کي هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ اقبال ظفر جهڳڙا کي پارلياماني ليڊر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *