راتو رات پولنگ اسيٽيشنن ۾ تبديلي، اليڪشن ڪميشن جي ناڪامي آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف در اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن شفاف مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ بروقت صحيح فيصلا نه ڪري سگهيو ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته راتورات بدين ۾ 22 پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪيون ويون جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي تياري ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ بروقت صحيح فيصلا نه ڪري سگهيو هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا ۽ هي فيصلو اليڪشن ڪميشن قانونن سان ٽڪراءُ هو ڇو ته اليڪشن شيدول جي اعلان کان پوءِ ڪنهن عدالت جو فيصلو نافذ ناهي ٿيندو هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ميمبر تڪراري ٿي چڪا آهن ۽ عمران خان به انهن ميمبرن جي تڪراري هجڻ جو فائدو وٺي رهيو آهي هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت زلزلي جي متاثرن جي مدد لاءِ ڪي خاص قدم نه ڪيا منفي سياست ڇڏي زلزلي متاثرن تي ڌيان ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *