ذڪي الرحمان لکوي جسماني رمانڊ عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو) ذڪي الرحمان لکوي ٻن ڏينهن واري جسماني رمانڊ کي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو اسلام آباد ۾ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج زيبا چوڌري ذڪي الرحمان لکوي طرفان داخل جسماني رمانڊ خلاف درخواست ٻڌڻي ڪئي، جوابدار جي وڪيل رضوان عباسي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ممبئي حملي ڪيس جي جوابدار تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو آهي، عدالت جسماني رمانڊ جو حڪم معطل ڪري مهلت ڏئي، هاءِ ڪورت به ان ئي طرح نظربندي جو حڪم معطل ڪيو، نئون ڪيس نظربندي حڪم معطل ٿيڻ کانپوءِ داخل ٿيو، جڏهن جوابدار پاڻ 6 سالن کان قيد آهي ته هو ڪنهن کي اغوا ڪئين ٿو ڪري سگهي ايف آءِ آر جي متن مان ڪٿي به ثابت نه ٿو ٿئي ته ڪنهن کي اغوا ڪيو ويو، جنهن جي جواب ۾ جج زيبا چوڌري استفسار ڪيو ته اوهان هينئر تائين ايف آءِ آر کي چئلينج نه ڪيو، ان نقطي تي عدالت جي معاونت ڪريو ته ٻي ڌر کي ٻڌڻ بغير ڪيئن حڪم جاري ڪري سگهجي ٿو، ٻڌڻي ۾ 12 بجه تائين جو وقفو ڏنو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *