ذيشان جو دائش سان تعلق هو، گاڏي مان 2 آپگهاتي جيڪيٽون، 8 هينڊ گرنيڊ، 2 پسٽل ۽ گوليون هٿ آيون: راجا بشارت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت چيو آهي ته سي ٽي ڊي جي موقف موجب ساهيوال ۾ گذريل ڏينهن آپريشن 100 سيڪڙو انٽيليجنس، ٺوس شاهدين ۽ مڪمل ڄاڻ جي بنياد تي ڪيو ويو. لاهور ۾ ساهيوال مقابلي بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي راجا بشارت چيو ته مارجي ويل خليل جي وارثن جي درخواست تي واقعي جو ڪيس ساهيوال ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن جي سپروائزر کي معطل ۽ مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سي ٽي ڊي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير خليل جي وارثن لاءِ ٻه ڪروڙ رپيا مالي امداد ۽ ٻارن لاءِ مفت تعليم جو اعلان ڪيو آهي، ٻارن جي علاج جو خرچ به پنجاب حڪومت برداشت ڪندي، مالي امداد انساني زندگين جي برابر ته ناهي پر حڪومت پنهنجي ذميواري نڀائيندي. هن چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي جي سربراهي ۾ گڏيل جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي. راجا بشارت موجب ذيشان جو ڪجهه عرصو اڳ داعش جي هڪ خطرناڪ نيٽ ورڪ سان واسطو هو، اهو نيٽ ورڪ ملتان ۾ آءِ ايس آءِ آفيسرن جي قتل، علي حيدر گيلاني جي اغوا ۽ فيصل آباد ۾ ٻن پوليس آفيسرن جي قتل ۾ ملوث آهي، دهشتگردن ملتان ۾ آءِ ايس آءِ آفيسرن جي قتل ۾ سلور رنگ جي هونڊا سٽي ڪار استعمال ڪئي، جنهن جي ڳولا پوليس ۽ ايجنسين کي هئي، 13 جنوري تي هونڊا سٽي ڪار دهشتگردن کي وٺي ساهيوال وئي، ان حوالي سان سيف سٽي ڪئميرائن جو معائنو ڪيو ويو ته خبر پئي ذيشان جي اڇي رنگ جي آلٽو ڪار به دهشتگردن جي گاڏي سان گڏ هئي. هن چيو ته ذيشان جي گاڏي به دهشتگردن جي استعمال ۾ هئي، ايجنسي اهلڪار 18 جنوري تي ڪئميرائن جي مدد سان ٽريس ڪري ذيشان جي گهر پهتا هئا، 13 کان 18 جنوري تائين ڪئميرائن جو معائنو ڪيو ويو، جنهن دوران اها تصديق ٿي ته ذيشان دهشتگردن سان ڪم ڪري رهيو هو. سندس چوڻ هو ته ذيشان جي گهر ۾ دهشتگرد وڏي مقدار ۾ گولي بارود سان موجود هئا، گهر ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ هجڻ سبب آپريشن ڪرڻ مناسب نه هو، ڇو ته ان سان بي گناهه ماڻهن کي نقصان پهچڻ جو خدشو هو، تنهن ڪري علائقي مان گاڏي جي نڪرڻ جو انتظار ڪيو ويو. قانون واري صوبائي وزير جي بقول 19 جنوري تي سيف سٽي ڪئميرائن جي مدد سان اڇي آلٽو کي مانگا واري هنڌ ڏٺو ويو، جنهن جو اطلاع ايجنسي کي ڏنو ويو، گاڏي لاهور جي حدن کان ٻاهر نڪري چڪي هئي، تنهن ڪري سي ٽي ڊي ٽيم کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيو ويو، انٽيليجنس موجب دهشتگرد گاڏي ۾ بارود کڻي ڪنهن ڳتيل آبادي ڏانهن وڃي رهيا هئا. راجا بشارت چيو ته جڏهن ساهيوال ۾ گاڏي کي روڪيو ويو ته ان موقعي تي فائرنگ ٿي، گاڏي جا شيشا ڪارا هئا، تنهن ڪري پوئين سيٽن تي ويٺل ماڻهو نظر نه پئي آيا ۽ گاڏي ذيشان پاڻ هلائي رهيو هو. هن چيو ته فائرنگ ڇو ۽ ڪيئن ٿي، ان جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي آهي، جنهن جي رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، سي ٽي ڊي جي موقف موجب پهريون فائر ذاشان ڪيو هو، جڏهن ته وارثن موجب فائرنگ سي ٽي ڊي ڪئي، جنهن جو پتو لڳائڻ لازمي آهي، جي آءِ ٽي تحت اها جاچ به ڪئي ويندي ته خليل جو ذيشان سان ڪهڙو واسطو هو ۽ ان جو خاندان ذيشان جي گاڏي ۾ ڇو سوار ٿيو. سندس چوڻ هو ته ذيشان جي گاڏي مان 2 آپگهاتي جيڪيٽون، 8 هينڊ گرنيڊ، 2 پسٽل ۽ گوليون هٿ آيون، ان حوالي سان به جاچ ڪئي ويندي ته هٿيار ڪاڏي ۽ ڇو وڃي رهيا هئا. راجا بشارت وڌيڪ ٻڌايو ته آپريشن جي خبر ميڊيا تي هلڻ کانپوءِ ذيشان جي گهر ۾ موجود ٻن دهشتگردن سوشل ميڊيا تي خبر ڏٺي ۽ گوجرانوالا جو رُخ ڪيو، جڏهن ايجنسي ۽ سي ٽي ڊي اهلڪارن انهن دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ۽ کين گهيري ۾ ورتو ته انهن پاڻ کي آپگهاتي جيڪيٽن ذريعي اڏائي ڇڏيو، جيڪڏهن انهن دهشتگردن جو پيڇو نه ڪيو وڃي ها ته اهي پنجاب ۾ وڏي تباهي ڪن ها، ان حوالي سان ٿريٽ الرٽ به وصول ٿيا هئا. هن چيو ته آپريشن انٽيليجنس بنياد تي آءِ ايس آءِ ۽ سي ٽي ڊي طرفان گڏيل طور ڪيو ويو پر ان ۾ خليل جي خاندان جي جاني نقصان سبب آپريشن جي حيثيت چئلينج ٿي وئي، وزيراعظم ۽ وڏي وزير کي متاثر خاندان سان دلي همدردي آهي ۽ انهن کي انصاف فراهم ڪيو ويندو، ڪنهن کي ڪا رعايت نه ڏبي ۽ سمورن ذميوارن کي انجام تائين پهچائبو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *