ذوالفقار مرزا گرفتاري ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، مخالفن جا اهڙا پول پڌرا ڪندس جو دنيا ڏسندي: اڳوڻو گهرو وزير

بدين (ڊ ر) اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي 60 ساٿين سميت ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُ الله عباسي ۽ ايس ايس پي عرفان بلوچ آڏو گرفتاري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته آصف زرداري محترمه بينظير ڀٽو کي بليڪ ميل ڪندو هو ۽ هو مخالفن جا اهڙا پول پڌرا ڪندو جو دنيا ڏسندي. اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا  پنهنجي گهرواري ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ ليگل ايڊوائيزر ٽيم سان صلاح مشوري کان پوءِ گرفتاري پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته هن پنهنجي گهرواري، نياڻي، پٽ ۽ ليگل ايڊوائزري ٽيم سان صلاح مشوري کان پوءِ گرفتاري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ڊي آءِ جي ثناءُ الله عباسي ۽ ايس ايس پي عرفان بلوچ انتهائي ايماندار آفيسر آهن تنهنڪري هو انهن وٽ گرفتاري ڏيندو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته سندس گهر ٻاهران بيهاريل بڪتر بند گاڏين ۽ پوليس موبائيل تي هو پنجن منٽن اندر قبضو ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته هو گرفتاري کان پوءِ مخالفن جا اهڙا پول پڌرا ڪندو جو دنيا ڏسندي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته آصف علي زرداري محترمه بينظير ڀٽو سان ڪيترائي ڌوڪا ڪيا ۽ کيس بليڪ ميل ڪندو هو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته هو رازن جو سمنڊ آهي  ۽ هن وقت تائين جيڪي انڪشاف ڪيا آهن اهي رازن جون چند بالٽيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *