ذوالفقار مرزا جو معاملو نئون ناهي، اُن جو پارٽي سان پراڻو جهيڙو آهي: يوسف رضا گيلاني

ملتان (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ذوالفقار مرزا جو معاملو نئون ناهي، اُن جو پارٽي سان پراڻو جهيڙو آهي، فهميده مرزا قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آهي، کيس عهدي مطابق سيڪيورٽي ملڻ گهرجي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته ذوالفقار مرزا جو معاملو عدالت ۾ آهي، ان لاءِ هو اُن تي وڌيڪ تبصرو نٿو ڪري سگهجي. يوسف رضا گيلاني چيو ته سندس ۽ سلمانتاثير جا پٽ افغانستان ۾ آهن، پ پ جي دور ۾ افغانستان سان بهتر لاڳاپا رهيا آهن. هن چيو ته پ پ ڌانڌلين باوجود عام چونڊن جي نتيجن کي قبول ڪيو، ڌانڌلين جي معاملو عدالت ۾ آهي، هو شاهه محمود قريشي کي جواب ڏيڻ مناسب نٿو سمجهي. يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت فيصلو جڊيشل ڪميشن کي ڪرڻو آهي، ان ڪري في الحال ان معاملي تي بحث ڪرڻ صحيح ناهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *