ذوالفقار علي ڀٽو جي 88 هين سالگره اڄ جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني قائد ذوالفقار علي ڀٽو جي 88 هين سالگره اڄ اڱاري پنج جنوري تي عقيدت احترام ۽ جوش جذبي سان ملهائي ويندي ڪراچي جي ڇهن ضلعن ۾ سالگره جون تقريبون ڪوٺايون وينديون جتي شهيد ڀٽو جي سالگره جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويندو قرآن خواني به ٿيندي ۽ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ شهيد ڀٽو کي ان جي ملڪ ۽ اسلامي دنيا لاءِ ڪيل خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندا. پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي پڌرنامي مطابق ملير جي علائققي گلشن حديد ۾ سالگره جي تقريب ضلعي آفيس ۾ منعقد ٿيندي ڊسٽرڪٽ ڪورنگي ۾ ماڊل ڪالوني ۾ قائم ضلعي آفيس ۾ منجهند ٽي وڳي، ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ ضلعي آفيس موسيٰ لين ۾ چار وڳي سالگره جي تقريب جو اهتمام ڪيو ويندو. اهڙي طرح ڊسٽرڪٽ ويسٽ ۾ حبيب بئنڪ سائٽ ايريا ۾ ڊسٽرڪٽ آفيس ۾ ٽي وڳي، ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ سالگره جي تقريب 3 وڳي کان منجهند پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ سالگره جي مرڪزي تقريب هيدري ڀٽو چوڪ نارٿ ناظم آباد ۾ ٽي وڳي منعقد ٿيندي پيپلز لائيرز فورم ڪراچي ڊويزن جي اهتمام هيٺ ڀٽو شهيد جي 88 سالگره جو پروگرام ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي شهيد پنجاب هال ۾ صبح يارهين وڳي منعقد ٿيندو جتي وڪيلن جو وڏو انگ شرڪت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *