ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوٽا سسٽم سنڌ کي 2 حصن ورهائي ڇڏيو هو: فيصل سبزواري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فيصل سبزواري جو چوڻ آهي ته اسان سخت بيان ناهي ڏنو ليڊرشپ تي آواز اٿارڻ تي سخت ڳالهه ڪري سگهون پيا پيپلز پارٽي کي سياست طاقت ڏيکارڻي آهي ته لياري ۾ وڃي ڏيکاري سياست ۾ انتهاپسندي نه هئڻ گهرجي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان پهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو  ايم جي اڳواڻ فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته اسان احتياط سان ڳالهايو ليڊرشپ تي آواز اٿارڻ تي وڌيڪ سخت ڳالهائي سگهون ٿا ڪراچي ۾ مسئلي جي حل لاءِ سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿياسين سنڌ جي شهري علائقن ۾ ڪم نه ٿي رهيو آهي پيپلز پارٽي کي سياسي طاقت ڏيکارڻي آهي ته لياري ۾ وڃي ڏيکاري. ايم ڪيو ايم ڪراچي جي وسيلن جي حل لاءِ سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿي هئي پر  اسان کي اُن ڳالهه تي ڳڻتي آهي ته پيپلزپارٽي ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده ناهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوٽا سسٽم سنڌ کي 2 حصن  ورهائي ڇڏيو انهيءَ نظام سبب صوبو شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾  ورهائجي ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *