ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل عدالتي دهشتگردي هئي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سڌسماءِ واري صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جو قتل عدالتي دهشتگردي هئي. شهيد بينظير کي به دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو. پنجاب ۽ ٻين صوبن جي وچ ۾ فرق آهي. وزيراعظم به رڳو پنجاب جو ثابت ٿي ٿو.وفاق جي شڪل ڏيکارڻ بجاءِ پنجاب ڏسي ٿو. پاڪستان بچائڻو آهي ته صوبن کي حق ڏيڻا پوندا . اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي سڌسماءِ واري صلاحڪار مولا بخش چانڊيو مقامي هوٽل ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وومن ميڊيا پاران ڪوٺايل هڪ سيمينار کان خطاب ڪندي چيو آهي . مولا بخش چانڊيو چيو ته لوڊشيڊنگ سميت مردم شماري ۽ حقن لاءِ اسين به مينار پاڪستان تي ڌرڻو هئي سگهون ٿا .هن چيو ته سنڌ جو وڏي وزير شريف آهي هو جمهوريت مخالفت قدم نه کڻندو. سندس چوڻ آهي ته اڳ نيب سنڌ ۾ غلط ڪيو پر ڪنهن دانهون نٿي ٻڌيون، هاڻ پنجاب ۾ هڪ کيس کنيو آهي ته دانهن نڪري وئي .ان چيو ته پنجاب رڳو لاهور نه آهي پنجاب جي به حالتون خراب آهن . سڌسماءِ واري صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو ته مصطفيٰ ڪمال بابت هو نٿو ڳالهائڻ چاهي، اهو سندن اندروني معاملو آهي .پر اهو ضرور چئي سگهي ٿو ته هو ڪنهن جي ڪنهن جي آشيروار سان ضرور آيو هوندو، اها ڪارڪنن يا عوام به ٿي سگهي ٿي .ان چيو ته الطاف حسين اڄ به پارٽي جو ليڊر آهي .قائداعظم جي فرمان تي عمل نٿو ٿئي .اسلام عورتن کي عزت ۽ حق ڏنا آهن .سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي اسان جو مرش دعورت جي عزت ڪئي آهي .اسان جي ليڊر به هڪ عورت هئي .هن تقريب ۾ سينيئر صحافي انور سن راءِ ،فوزيا شاهين،همابقائي سميت ٻين خطاب ڪيو آهي، صحافت ۾ ڪاميابيون ماڻيندڙ عورت کي شيلڊون ڏنون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *