دھشتگردي جي چيلھھ ڀڃي ڇڏي ،ايندڙسال لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو ھوندو : نوازشريف

حيدرآباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آيه ته دهشتگردي کي ختم ڪري سڪون جو ساهه کڻنداسين 2013 تائين ملڪ ۾ بيچيني ڦهليل هئي هاڻي هڪ نئون پاڪستان ٺهي رهيو آهي دهشتگردي سبب ڪراچي ۾ ڪوبه پرڏيهي اچڻ لاءِ تيار نه هو هاڻي ٻيهر پرڏيهي سيڙپڪاري ڪراچي ۾ اچي رهي آهي ڪراچي ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪندو سي پيڪ جا فائدا سڄي ملڪ کي پهچي رهيا آهن اهو وقت پري نه آهي جڏهن پاڪستان مان مڪمل طور تي بيرزگاري غربت ۽ جهالت جو خاتمو ٿيندو ملڪ ۾ 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ملڪ ۾ دهشتگردي عروج تي هئي نوڪريون پئسن تي ڏنيون وينديون هيون عوام کي حڪمرانن سان سوال ڪرڻ گهرجي ته توهان پاڪستان جي ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي جيڪڏهن اسان ايمرجنسي قدم نه کڻون ها ته اڄ پاڪستان جو اقتصادي طور تي خراب حالت هجي ها سومر تي مسلم ليگ (ن) جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته توهان جي جوش ۽ جذبي جي تعريف ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن دل جي گهرائين سان توهان کي سلام پيش ڪيان ٿو منهنجو سلام قبول ڪيو وزيراعظم چيو ته حيدرآباد ايندي رستي ۾ مان ڏٺو ته ڪيترائي نوجوان ۽ منهنجون ڀينرون واپس اچي رهيون هيون ۽ هتي ڪافي ماڻهو گڏ ٿيا هئا ۽ آهستي آهستي واپس وڃي رهيون هيون ۽ هو جوش ۽ جذبي سان هتي آيل آهن جڳهه گهٽ هجڻ سبب انهن کي واپس وڃڻو پيو جنهن تي مان انهن کان معذرت گهران ٿو وزيراعظم چيو ته مان ٻيهر حيدرآباد ايندس ۽ انهن سان ضرور ملندس ۽ دل جون ڳالهيون ڪندس. اهو جوش ۽ جذبو ٺٽو بلوچستان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به ڏٺو آهي قوم جو جوش ۽ جذبو مثالي آهي جنهن تي حيدرآباد وارن کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو هن چيو ته پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ نئون پاڪستان ٺهي رهيو آهي 2013 ۾ پاڪستان جو حال ڀرو هو ۽ هر طرف بيچيني ڦهليل هئي دهشتگردي قدم ڄمايا هئا اسان دهشتگردي جي چيلهه چٻي ڪئي آهي ڪراچي دهشتگردي جو شڪار هو اڄ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ڪراچي ۾ امن ۽ سڪون آهي ۽ ماڻهو ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪري رهيا آهن وزيراعظم چيو ته دهشتگردي ڀڄي رهي آهي اسان جو پهه پختو آهي اسان ان کي ختم ڪرڻ بغير سڪون سان نه ويهنداسين هن چيو ته حيدرآباد ۾ موٽر وي ٺهي رهيو آهي اهو موٽر وي پهريان ڇونه ٺاهيو ويو مشرف جي حڪومت جي دور ۾ نه ٺاهيو ويو ۽ پوءِ پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ان زماني ۾ موٽر وي ڇو نه ٺاهيو ويو يونيورسٽي ڇو نه ٺهي هيلٿ ڪارڊ ڇو نه ڏنا ويا هن چيو ته روڊن رستن جي حالت خراب هئي ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر نه هو اسپتالون به نه هيون هن چيو ته ڪراچي ۾ وڃان ٿو ته گنڌ ڪچري جا ڍير لڳا پيا هوندا آهن صرف دوڙ ئي دوڙ نظر ايندي آهي ڪراچي دنيا مان ڇو ڪٽ ٿي ويو ڪراچي ۾ دهشتگردي عروج تي هئي ڪراچي ۾ هاڻي توهان کي ڪاروباري ماڻهو ملندا هن چيو ته بجلي جي حالت تمام خراب هئي جنهن ۾ نه مزدور سڪون ۾ هو ۽ نه پورهيت ۽ نه آبادگار ٽيوب ويل هلائي سگهندا هئا. هن چيو ته جڏهن ماڻهو ووٽ گهرندا آهن ته پاڪستاني عوام کي پڇڻ گهرجي ته توهان ڪهڙا پاڪستان جا معاملا ٺيڪ ڪيا آهن ان کان پوءِ ووٽ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي ووٽ جو حقدار ڪير آهي هن هن چيو ته بجلي جو معاملو اسان ٺيڪ ڪري رهيا آهيون هن چيو ته موٽر وي ڪراچي کان حيدرآباد پهچي رهيو آهي ۽ اهو ڇهن روڊن تي رستو ٺهي رهيو آهي جيڪو پاڪستان جو هڪ بهترين روڊ آهي اهو حيدرآباد کان سکر ويندو ۽ پوءِ سکر کان ملتان ويندو ۽ پوءِ لاهور پهچندو موٽر وي ٺهڻ کان پوءِ ماڻهو صبح جو ناشتو حيدرآباد ۾ ڪندا ۽ منجهند جي چانهه لاهور ۾ پيئندا ۽ کاڌو اسلام آباد ۾ کائيندا جڏهن ته عشا جي نماز پشاور ۾ پڙهندا هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪيترائي روڊ ٺهي رهيا آهن ڪوئيٽا کان گوادر پشاور مانسهره ڏانهن رستا ئي رستا ٺهي رهيا آهن پاڪستان جو اندروني نقشو تبديل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته حيدرآباد جي مسئلن تان اتفاق آهي الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان نوازشريف جيڪي ڳالهه ڪندو آهي اها پوري ڪري ڏيکاريندو آهي هن چيو ته توهان کي بجلي ۽ سوئي گئس ملندي حيدرآباد جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ 50 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو ۽ حيدرآباد جي عوام کي هيلٿ ڪارڊ ۽ ميٽرو بس جي خوشخبري ٻڌائي رهيو آهيان هن چيو ته هيلٿ ڪارڊ جو دائرو سڄي ملڪ ۾ ڦهلايو ويو آهي ته جيئن غريبن جي علاج لاءِ انهن کي پنهنجا گهر نه وڪڻڻا پون ۽ هو قرضن ۾ نه ٻڏي سگهن. هن چيو ته جلد هيلٿ ڪارڊ پروگرام جي سربراهه مريم نواز حيدرآباد ايندي ۽ پنهنجن هٿن سان ماڻهن ۾ هيلٿ ڪارڊ ورهائيندي وزيراعظم حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ان جو جلد ئي پيڙهه جو پٿر رکيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *