دپيڪا ڪڪر ايندڙ سومر تي شادي ڪري ڇڏيندي

 

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ٽي وي جي مشهور ڊرامي سسرال سمرن ڪا فيم اداڪارا دپيڪا ڪڪر ايندڙ سومر تي شادي ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته هوءَ پنهنجي شادي جي تاريخ پڪي ٿيڻ تي تمام گهڻي خوش آهي.ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اداڪارا دپيڪا ڪڪر پنهنجي ڊرامي جي ساٿي اداڪار شعيب ابراهيم سان شادي ڪري رهي آهي، ۽ شادي بابت تمام گهڻا تفصيل اڳ ئي جوڙو ميڊيا کي فراهم ڪري چڪو آهي، پر هن ڀيري دپيڪا ميڊيا کي آگاهي ڏني آهي ته هوءَ  26 فيبروري تي شادي جي ٻڌڻن ۾ ٻڌجي ويندي. ٻڌايو وڃي ٿو ته گهوٽ ڀوپال جو رهواسي آهي، تنهنڪري شادي جي مک تقريب پڻ ڀوپال ۾ ٿيندي.جڏهن ته شادي جي تقريب ۾ گهوٽ ڪنوار جي گهرڀاتين سميت ويجها دوست ئي شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته جوڙو شادي کي ميڊيا جي نگاهن کان بچائڻ لاءِ ڀوپال ۾ تقريبن جو بندوبست ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ آهي ته هي انهن جي ذاتي خوشي آهي، تنهنڪري ميڊيا پريشان نه ڪري

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *