دپيڪا پڊڪون ڀارتي ميگزين جي ٽائيٽل جي زينت بڻجي وئي

ممبئي(اي پي پي) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊڪون ڀارتي ميگزين ”جي ڪيو انڊيا” جي ٽائيٽل جي زينت بڻجي وئي. سڌ سماءَ وارن ذريعن دپيڪا ٽائيٽل ۾ ڪارو ويس پائي گليمرس انداز ۾ ويٺل نظر اچي رهي آهي ۽ ڪنهن شهزاديءِ کان گهٽ نه پئي لڳي. دپيڪا جو اهو ويس گورو گپتا ڊيزائن ڪيو آهي. ميگزين جو اهو شمارو جلد مارڪيٽ ۾ دستياب هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *