دپيڪا پڊوڪون فلم ”پيڪو“ جي ٽيم کي فلم ۾ پاتل ”جھالا“ پاڻ وٽ نشانيءَ طور رکڻ جي خاص فرمائش ڪري ڇڏي

دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون پنهنجي تازو رليز ٿيل نئين فلم ”پيڪو“ جي ٽيم کي خاص فرمائش ڪري ڇڏي آهي. بالي ووڊ ذريعن موجب بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون فلم ”پيڪو“ جي ٽيم کي فلم ۾ پاتل ”جھالا“ پاڻ وٽ نشانيءَ طور رکڻ جي خاص فرمائش ڪئي آهي. ادڪارا جو چوڻ هو ته ”پيڪو“ سندس ڪيريئر جي اهم ترين فلمن مان هڪ آهي، جنهن ۾ هن يادگار ترين ڪردار نڀايو آهي ۽ هوءَ ان فلم ۾ پاتل واليون پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي، جيئن فلم جون يادگيريون سالن تائين سندس لاءِ تازيون رهن. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ اداڪار اميتاڀ بچن ۽ عرفان خان پڻ شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *