دپيڪا سان ڪيئي سال اڳ شادي ڪري ڇڏي هئي: رنوير جو انڪشاف

 

ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته هو پنهنجي گهر واري دپيڪا پڊوڪون سان ڪيترائي سال اڳ شادي ڪري چڪو هو.تازي ڏنل انٽرويو ۾ رنوير سنگهه کان جڏهن پڇيو ويو ته شادي کانپوءِ هو ڪيئن محسوس ڪري رهيو آهي ۽ ڇا هو پنهنجي دوستن کي به شادي جو مشورو ڏيندو؟ ان تي رنوير سنگهه چيو ته شادي کانپوءِ زندگي تمام سٺي ۽ خوبصورت آهي ۽ مان ٻين ماڻهن ۽ دوستن کي به شادي جو مشورو ڏيندس، ڇاڪاڻ ته شادي کانپوءِ زندگي تمام گهڻي خوبصورت ٿي وڃي ٿي.رنوير سنگهه چيو ته اسان جي رشتي جي شروعات ۾ ئي مان دپيڪا سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هئس، دپيڪا سان ملڻ کانپوءِ مون کي احساس ٿي ويو ته هي اها ڇوڪري آهي جنهن سان مان پنهنجي پوري زندگي گذارڻ چاهيان ٿو، اسان جي شادي جون رسمون ته هاڻي ٿيون آهن پر دپيڪا سان شادي مان پنهنجي دماغ ۾ گهڻو اڳ ڪري ڇڏي هئي، مان رڳو ان جو انتظار ڪري رهيو هئس ته دپيڪا ڪڏهن شادي لاءِ ذهني طور تي تيار ٿئي ٿيدوستن کي به شادي ڪرڻ جو مشورو ڏيندو جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته  شادي کان پوءِ زندگي تمام سٺي ۽ سهڻي ٿي وئي آهي ۽ آءُ پنهنجن دوستن ۽ ٻين ماڻهن کي به شادي ڪرڻ جو مشورو ڏيندس ته شادي بعد زندگي مڪمل ٿي ويندي آهيآهي.بالي سپر اسٽار رنوير سنگهه چيو ته جڏهن  دپيڪا  کي پهريون ڀيرو ڏٺو هئس تڏهن کان ئي پڪو پهه ڪري ڇڏيو هيم ته  هيءَ اها ئي ڇوڪري آهي جنهن سان آءُ سموري زندگي گڏ گذارڻ چاهيان ٿو. اسان جي شادي جون رسمون ته هاڻي ٿيون آهن پر دپيڪا سان شادي پنهنجي دماغ ۾ اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي ۽ جيئن هوءَ راضي ٿي وئي ته اسان هميشه لاءِ هڪ ٿي وياسين .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *