دٻاءَ ۾ کيڏڻ ايندو آهي، ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين: عمران خان

دوحا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت کي 5 مهينا ٿي ويا آهن پر ڪرپشن جو هڪ به اسڪينڊل سامهون ناهي آيو. دوحا جي الوڪارا اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين سان منهنجو پراڻو واسطو آهي، اوورسيز پاڪستانين سدائين ملڪ لاءِ دل کولي مدد ڪئي، انهن جي دل سان عزت ڪيان ٿو. هن چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي روزگار جي حوالي سان ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي پر اهو وقت پري ناهي جڏهن توهان کي نوڪريون ڳولڻ لاءِ ٻاهر نه وڃڻو پئي. سندس چوڻ هو ته مني لانڊرنگ ڪندڙن سان منهنجي جنگ آهي، توهان کي خبر آهي ته مون کي دٻاءَ ۾ کيڏڻ ايندو آهي ۽ انشاءَ الله اسان ملڪ کي ڏکئي وقت مان ڪڍنداسين. عمران خان چيو ته جهڙي ريت پاڪستانين کي لُٽيو ويو ڪو ٻيو ملڪ هجي ها ته ان جو ڏيوالو نڪري چڪو هجي ها، اسان کي 5 مهينا ٿي ويا آهن ۽ ڪرپشن جو هڪ به اسڪينڊل سامهون ناهي آيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ڪرپٽ ماڻهن ٻنهي هٿن سان ڦريو آهي، ڪو به ملڪ وسيلن سان مضبوط ناهي ٿيندو، ڇو ته ڪانگو ۾ هر قسم جا هيرا جواهر آهن پر اهو ملڪ غريب آهي. هن چيو ته پاڪستان جو خسارو تمام گهڻو آهي، الله پاڪستان کي سڀني خزانن سان نوازيو آهي، بس ملڪ ۾ رڳو سٺي حڪمراني هجي، پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، ڪرپشن ۽ ٽيڪس جو ڏکيو نظام سيڙپڪاري ۾ رنڊڪ هو. سندس چوڻ هو ته ملائيشيا ۾ سياحت ذريعي 20 ارب ڊالر ۽ ترڪي ۾ سياحت سان سالياني آمدني 40 ارب ڊالر آهي، اسان به سياحت سان ايترا پئسا گڏ ڪري سگهون ٿا ته اسان کي ڊالر جي ضرورت نه پئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *