ديني طبقو آزمائشي دور مان گذري پيو، عالمي قوتن اسلام جو آواز ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي:مولانا فضل الرحمان

سکر (بيورو) جي يو آءِ جي سرواڻ  مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ دهشتگردي جو شڪار آهي، لاهور سانحي تي سڄي قوم سوڳ ۾ ورتل آهي، بيگناهه معصوم ماڻهو مارڻ جو ذميوار آخر ڪير آهي، سڄي ملڪ ۾ مدرسن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي پر ڪجهه به نه مليو، جانبدار رويو قبول ناهي، اسلام ۽ مذهبي ڌرين کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، حڪمران عالمي قوتن جا وفادار آهن.منزل گاهه ۾ 77 هين دستار فضيلت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته، ديني طبقو آزمائشي دور مان گذري رهيو آهي، عالمي قوتن اسلام جو آواز ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ملڪ ۾ هر طرح سان مذهبي ڌرين کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ انهن کي دهشتگردي سان ڳنڍيو وڃي ٿو.  مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلامي قوتن ۽ مدرسن جو آواز دٻائڻ جا خواب انگريزن به ڏٺا هئا، جيڪي پورا نه ٿيا، آمريڪا جو خواب به پورو نه ٿيندو، هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جو بل غير آئيني ۽ غير شريعي آهي، جيڪو بل پاس ڪيو ويو آهي اهو ڏکڻ آفريڪا ۽ ڀارت جي اسيمبلي پاس ڪيو، مشرف قومي اسيمبلي ۾ آندو پر اسين ڀرپور مزاحمت ڪئي، پنجاب اسيمبلي مان ان ڪري پاس ٿي ويو جو اتي جي يو آءِ موجود نه هئي . هن چيو ته حڪمران اهڙو بل پاس ڪري خاندان  تباهه ڪري رهيا آهن، هاڻي ڌيءَ پنهنجي پيءُ ۽ زال پنهنجي مڙس کي گرفتار ڪرائي سگهي ٿي، خدا را عورتن تان تشدد جو رستو روڪيو، خاندان تباهه نه ڪريو، ملڪ ۾ انساني حقن تي ٽارچر ڪيو وڃي ٿو، مذهبي طبقي کي دٻائڻ جي ڪوشش قبول نه ڪنداسين، مولانا فضل الرحمان چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي خراب ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ايراني صدر پاڪستان ۾ موجود هو ان وقت ڀارتي ايجنٽ کي ايران جي ويزا سميت ظاهر ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي، ان ٽائيمنگ کي نوٽ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي به پنهنجي قوميت، تهذيب ۽ وقار جو تحفظ ڪرڻ لاءِ عالمن کي چونڊي اسيمبلين ۾ موڪلڻو پوندو، هن چيو ته اسين پاڪستان کي خطرناڪ حالتن جي ور چاڙهڻ نٿا چاهيون، جيڪڏهن نئين قراردار جي ڳالهه ڪئي ويندي ته پوءِ معاملا  اڳتي نڪري ويندا، ذوالفقار علي ڀٽو قومي سوچ جو سياستدان هو هن قوم کي گڏيل آئين ڏنو، افسوس جو  آمرن 73  ع واري آئين کي گرد آلود بڻائي ڇڏيو، بلاول کي نصيحت نٿو ڪري سگهان، سندس والد کي نصيحت ڪري سگهان ٿو، بلاول پنهنجي وڏن کان به اڳتي نڪري ڳالهيون ڪري رهيو آهي ان سان وڏن جو احترام نه رهندو، جي يو آءِ سرواڻ  چيو ته جڏهن دهشتگردي خلاف قانون جوڙيو ويو ته ان وقت مذهب ۽ فرقي جو نالو وٺي قوم کي ڪهڙو پيغام ڏنو ويو، قومي اتفاق راءِ کي سبوتاز ڪرڻ ۾  مٿان جو اشارو هو، ڪانفرنس کي مولانا ناصر محمود سومرو، سعود افضل هاليجوي، آغا ايوب شاهه، عبدالقيوم هاليجوي، مولانا محمد صالح انڍر، مولانا غلام الله هاليجوي، امداد الله ڦلپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان موقعي تي مدرسي جي فارغ ٿيل عالمن ۽ حافظن جي دستار بندي پڻ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *