ديسي گرل پريانڪا کي به فرمائشي اداڪارا لاءِ فلم مان ڪڍيو ويو

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا به نيپوٽزم پنهنجا نوازي خلاف آواز اٿاريندي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس فلم مان ڪڍيو ويو هو جنهن تي هو ڏاڍو رني ۽ اهڙي رويي کي برداشت ڪري وئي. /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

هلندڙ مهيني اڻ ڄاتل سببن سبب آپگهات ڪندڙ ڀارتي اداڪار سوشانت سنگهه جي موت کانپوءِ ڀارتي انڊسٽري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي، ڪجهه ماڻهو پنهنجا نوازي کي اداڪار جي موت جو ذميوار قرار ڏيندي ان خلاف آواز اٿاري رهيا آهن ته ڪجهه وري پنهنجا نوازي جي حق ۾ ڳالهائي رهيا آهن. ڀارت جي مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا پنهنجا نوازي بابت ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته ماضي ۾ هن به پنهنجا نوازي کي منهن ڏنو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب ديسي گرل پريانڪا چوپڙا هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته کيس خبر آهي ته ڀارتي انڊسٽري ۾ ڪيتري پنهنجا نوازي آهي پر ڪنهن مشهور فنڪار جي گهر ۾ پيد اٿيڻ ۽ وراثت طور اداڪاري جي پيشي کي اڳتي وڌائڻ ۾ به ڪا برائي ناهي. هن چيو ته ٻاهران ايندڙ اداڪار انڊسٽري ۾ پير رکن ٿا ۽ محنت ڪن ٿا اهڙي ريت فنڪارن جي ٻارن تي به پنهنجي ڪٽنب جو نالو برقرار رکڻ لاءِ بار هوندو آهي هر اداڪار پنهنجو سفر طئه ڪري اڳتي پهچي ٿو. هن چيو ته کيس به هڪ فلم مان ڪڍيو ويو هو ڇو ته سندس جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي فلم ۾ شامل ڪرڻ جي فرمائش ڪئي وئي هئي. ان تي ڏاڍو رني هيس پر برداشت ڪري وئيس هيس. هن چيو ته کيس هار جو ڪو ڊپ ناهي جڏهن ته هو ڪڏهن شڪست به نٿي کائي هو ان تي وڌيڪ سوچي به نٿي ۽ پنهنجو موڊ به خراب نٿي ڪري.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *