دولت اسلاميه جو پاڪ افغان جي مختلف علائقن تي ٻڌل صوبو ٺاهڻ جو اعلان

لنڊن (اين اين آءِ) دولت اسلاميه افغانستان ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن تي ٻڌل صوبو ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو بي بي سي مطابق دولت اسلاميه جي ترجمان ميگزين دبيڪ جي ستين شماري ۾ ٻڌايو ويو ته خراسان ولايت يا صوبي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن ۾ افغانستان سميت خيبر ريجن سوات ميدان مروت ڪکي خيل دير هنگو باجوڙ ارڪزئي قرم ۽ وزيرستان جا علائقا شامل آهن خراسان لاءِ تحريڪ طالبان ارڪزئي جو اڳوڻو ڪمانڊر شيخ حافظ سعيد خان کي ولي جڏهن ته عبدالرئوفخادم کي نائب به مقرر ڪيو ويو آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل جي پاڪستان ۾ نمائندي شعيب بي بي سي کي ٻڌايو ته وزيررستان جي ڪجهه ٽولن جو جن ۾ پنجابي طالبان ۽ لشڪر جهنگوي به شامل آهن ڪراچي جي ٽولن سان تعلق آهي ان مطابق ڪراچي ۾ دهشتگردي جون جيڪي به وڏيون ڪارروايون ٿيون آهن ان ۾ لشڪر جهنگو جو نالو ايندو رهيو آهي ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته هي لشڪر جهنگوي جا ماڻهو آهي جيڪي هاڻي دولت اسلاميه ۾ اچي ويا آهن. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽيڊيز جي ڊآئريڪٽر عامر رانا مطابق شدت پسند گروهه جندالله جي ڪري ٿورو ابهام آهي ڇو ته جندالله وڏي عرصي کان دولت اسلاميه کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته اڃا تائين اهڙا ثبوت آڏو ناهن آيا جنهن مان ثابت ٿئي ته جندالله جي بيت کي دولت اسلاميه قبول ڪيو آهي جندالله لشڪر جهنگوي بلوچستان جو ڌڙو آهي هي گروهه بلوچستان کان علاوه سنڌ ۾ ڪافي سرگرم آهي پهريان شايد هن گروهه تي قانون لاڳو ڪندڙن جو خاص ڌيان نه هو طالبان ۽ القاعده جي گروپن افغانستان طرف لڏپلاڻ ڪئي آهي ۽ انهن جي ڪارروائين ۾ گذريل ٽن چئن مهينن ۾ گهٽتائي آئي آهي هاڻي هو گروهه جنهن تي قانون لاڳو ڪندڙ جو توجهه نه هو هاڻي هو تعاون ڪري رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *